امن معاهدي بعد آمريڪا جا طالبان تي فضائي حملا

امن معاهدي بعد آمريڪا جا طالبان تي فضائي حملا

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي فوجي ۽ پوليس جي دستن تي طالبان جي حملن بعد آمريڪا طالبان جي ٺڪاڻن تي فضائي حملا ڪيا آهن. 29 مارچ تي طالبان ۽ آمريڪا ۾ ٿيل امن معاهدي بعد چوٿين ڏينهن ئي ان جي خلاف ورزي ڪئي وئي آهي. آمريڪي فوج جي ترجمان ڪرنل سوني ليگٽ ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته هي دفاعي نوعيت جا حملا آهن.

اسين امن لاءِ پرعزم آهيون پر دفاع جو حق رکون ٿا. افغان فورسز اسانجا ساٿي آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته امن معاهدي سبب 11 ڏينهن جي ٺاپر بعد هي پهريون آمريڪي حملو آهي جيڪو طالبان تي ڪيو ويو آهي. افغانستان جي صوبي قندوز جي ضلعي امام صاحب ۾ افغان سيڪورٽي فورسز تي طالبان جي حملي ۾ 20 اهلڪار مارجي ويا آهن. جن جي تصديق افغان پوليس عملدار به ڪئي آهي. افغان ميڊيا موجب طالبان 10 افغاني اهلڪارن حراست ۾ به ورتا آهن. ٽن مختلف جاين تي طالبان گذريل رات حملا ڪيا هئا. ياد رهي ته طالبان پاران افغان فورسز تي گذريل ڏينهن ڪيل حملن جي اعلان  بعد هي پهريون سڌو حملو آهي. 29 فيبروري تي دوحه ۾ طالبان ۽ آمريڪا ۾ ٿيل امن معاهدي ۾ طئي ٿيو هو افغان حڪومت گرفتار ڪيل 5 هزار طالبان قيدي آزاد ڪندي پر صدر اشرف غني چيو هو ته سندس حڪومت ان جي پابند ناهي. جنهن بعد طالبان افغان فورسز تي حملن جو اعلان ڪيو هو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ طالبان اڳواڻ ملا برادر ۾ فوت تي ڳالهه ٻولهه جي خبر اچڻ جي چند ڪلاڪن بعد هن حملي جي خبر سامهون آئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو