طالبان آمريڪا سان ٻيهر هلندڙ مذاڪرات جي تصديق ڪري ڇڏي

قطر (ويب ڊيسڪ) افغان طالبان امن معاهدي لاءِ آمريڪا سان مذاڪرات ٻيهر شروع ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هلندڙ سال سيپٽمبر ۾ گذريل هڪ سال کان جاري مذاڪرات معاهدي تي دستخط ڪرڻ کان اڳ منسوخ ڪري ڇڏيا هئا. آمريڪا ۽ افغانج طالبان طرفان هڪ ٻئي جي قيدين جي آزادي کان پوءِ آمريڪي صدر طالبان سان مذاڪرات جو ٻيهر آغاز ڪرڻ جو اشارو ڏنو هو جنهن بعد آمريڪا جي نمائنده خصوصي براءِ افغان امن عمل زلمي خليل زاد افغانستان جو دورو ڪيو ۽ پوءِ هو اتان قطر پهتو. قطر ۾ طالبان جي سياسي دفتر جي ترجمان سهيل شاهين آمريڪا سان ٻيهر مذاڪرات جي آغاز جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته آمريڪا سان مذاڪرات 7 سيپٽمبر کان شروع آهن جيڪي هن مهل تائين جاري آهن. افغان ميڊيا مطابق مذاڪرات جي پهرين ڏينهن طالبان آمريڪا وچ ۾ 4 ڪلاڪن جي وڏي بيٺڪ ٿي گذري جنهن ۾ تشدد ۾ گهٽتائي آڻن، انٽرا افغان مذاڪرات ۽ جنگ بندي تي ڳالهيون پڻ ٿيون.

پهنجو تبصرو موڪليو