ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 256 تي ننڍي چونڊ لاءِ متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم پاڪستان) جي اميدوار مصطفيٰ ڪمال جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا آهن.ان کانسواءِ اين اي 256 تي تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) جي اميدوار عماد الدين جا به نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا.ٻئي طرف اين اي 247 تي ننڍي چونڊ لاءِ تحريڪ انصاف جي آفتاب صديقي جا نامزدگي ڪاغذ به منظور ڪيا ويا.ياد رهي ته اهي سڀئي سيٽون تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي استعيفيٰ کانپوءِ خالي ٿيون آهن.










