ڪنڌڪوٽ (غالب بلوچ) ڪشمور ضلع ڪائونسل جو بجيٽ اجلاس ضلع چيئرمين محبوب خان بجاراڻي جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو، 7 ڪروڙ 35 لک جي ترقياتي اسڪيمون ڪائونسل پاران منظور ڪيون ويون جنھن تحت ھر ھڪ ضلع ڪائونسلرکي 10 لک جون اسڪيمون ڏنيون ويون. اجلاس کي ضلع ڪائونسل جي چيئرمين محبوب خان بجاراڻي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ اندر شايد ھي پھرين ضلع ڪائونسل ھوندي جنھن ۾ بحيثيت چيئرمين ھر ممبرکي ھرسال ھڪ جيتري بجيٽ ڏيندي علائقي جي عوام جي خدمت ڪرڻ جوموقعوڏ نو ويو آھي.

ھن وڌيڪ چيو ته ڪشمورضلع ڪائونسل بچت ڪندي بجيٽ مان علائقي جي ترقي لاءِ ھرسال ڪائونسل جي ميمبرن کي بجيٽ ڏيندي اچي ٿي. ان موقعي تي ڪائونسل پاران مسلسل غيرحاظر رھندڙ ميمبرن کي بجيٽ نه ڏيڻ جو پڻ فيصلو ڪيوويو ويو.










