بدين (رپورٽ مرتضي ميمڻ)ضلعي بار ڪائونسل جون چونڊون ٿيون جنھن ۾ جمالي گروپ جو فياض احمد ابڙو 80 ووٽ کڻي بار جو صدر چونڊجي ويو آھي سندس سامھون بيٺل بار جي اڳوڻي صدر گڏيل گروپ جي دلدار علي پٺاڻ 68 ووٽ حاصل ڪيا جڏھن ته جنرل سيڪريٽري تي گڏيل گروپ جو احسان علي ڀرڳڙي 81 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو سندس مد مقابل جمالي گروپ جي اميدوار اصغر چانگ 69 ووٽ حاصل ڪيا نائب صدر تي رياض مصطفي 76 ووٽ کڻي ڪامياب ۽ سامھون اميدوار حاجي رفيق کي 72 ووٽ مليا جوائنٽ سيڪريٽري تي امير حسن آزاد پنھور 81 ووٽ کڻي ڪامياب سامھون بيٽل مير اشفاق کي 66 ووٽ مليا لئبرين تي عبدالعزيز بڪاري 76 ووٽ کڻي ڪامياب جڏھن ته ٽريزر جي سيٽ تي عبدالمجيد سومرو 77 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو آھي.










