دادو(ن سنڌيار) دادو ۾ ضلعي انتظاميا پاران پوليس سان گڏ امن امان کي بحال رکڻ لاءِ فليگ مارچ جي ٻن ڪلاڪن بعد ڦورن جي انتظاميا کي سلامي ڊي سي هائوس جي سامهون پارڪ گهمڻ آيل 8 نوجوانن کان هزارين روپيه نقد ۽ موبائيلون ڦر ڪري فرار ٿي ويا ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار 4 هٿياربندن نوجوانن کي يرغمال بڻائي ڦر ڪئي وئي واقعي جي اين سي رپورٽ دادو جي اي سيڪشن ٿاڻي تي پڻ داخل ڪرائي وئي ڦر متاثرين ۾ سمير، خليل، مون ملاح سعيد ملاح، منصور، نعمان ۽ ٻيا شامل آهن ھنن چيو ته ڊي سي هائوس آڏو پبلڪ پارڪ گهمڻ وياسين جتي 4 هٿياربندن هٿيارن جي زور تي هزارين روپيه نقد ۽ 8 کان وڌيڪ موبائيل سيٽ ڦر ڪري ويا آهن.










