جده: (ويب ڊيسڪ ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته صومالي لينڊ صوماليه جو غير تڪراري ۽ اڻٽٽ علائقو آهي، ڪوبه ٻاهريون ادارو يا رياست انهي حقيقت کي تبديل ڪرڻ جو قانوني يا اخلاقي حق نٿي رکي. جده ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪونسل جي اهم اجلاس ۾ اسحاق ڊار چيو ته اسرائيلي قدم صوماليه جي عالمي طور تي مڃيل سرحدن تي سڌو سنئون حملو آهي، پاڪستان صوماليه جي خودمختاري، وحدت ۽ علاقائي سالميت جي مڪمل حمايت ڪري ٿو.
اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته اسرائيلي پرڏيهي وزير جو صومالي لينڊ جو دورو انتهائي ڳڻتي جوڳو آهي. پاڪستان اسرائيل جي غيرقانوني ۽ غير حقيقي ڪارروائي جي سخت مذمت ڪري ٿو. پاڪستان گڏيل قومن جي اجلاس ۾ به اسرائيل جي ڪارروائي جي مذمت ڪئي آهي.
اسحاق ڊار چيو ته عالمي قانون جي تحت رياست جي خودمختاري ۽ علاقائي سالميت لازمي آهن. ڪوبه ٻاهريون ادارو يا رياست انهي حقيقت کي تبديل ڪرڻ جو قانوني يا اخلاقي حق نٿي رکي. اهڙي ڪنهن به بيان يا عمل کي قانوني يا سياسي اثر حاصل نه هوندو.
نائب وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اسرائيلي قدم هارن آف آفريقا ۽ بحيره احمر ۾ امن، سلامتي جي لاءِ خطرو آهي. پاڪستان او آءِ سي ملڪن سان گڏ اسرائيل جي قدم کي گڏيل بيان ۾ رد ڪيو. اسحاق ڊار چيو ته اسرائيل جي ڪارروائي عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي منشور جي ڀڃڪڙي آهي اسرائيلي قدم خطي ۾ سنگين اثر پيدا ڪري سگهي ٿو. صوماليه جي ترقي ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
غزه جي صورتحال جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي اسحاق ڊار چيو ته غزه ۾ جنگ جي خاتمي ۽ انساني امداد جي فراهمي لاءِ ڪوششون ضروري آهن پاڪستان او آءِ سي ۽ عرب ملڪن سان گڏ فلسطين جي حق خود اراديت جي لاءِ دعاون ڪندو ڪنهن به قسم جي جبري بيدخلي، عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي. پاڪستان فلسطيني عوام جي حق خود اراديت سان گڏ بيٺل آهي اسحاق ڊار اهو به چيو ته پاڪستان ۽ آءِ سي سي ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ وڌيڪ قدمن جو مطالبو ڪري ٿو.










