صوماليا ۾ قزاقن هٿان يرغمال پاڪستانين جي وارثن جو احتجاج

صوماليا ۾ قزاقن هٿان يرغمال پاڪستانين جي وارثن جو احتجاج

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ صوماليا ۾ بحري قزاقن هٿان مبينا طور يرغمال بڻايل پاڪستانين جي وارثن پاران احتجاج ڪيو ويو، جنهن دوران شارع فيصل تي پرڏيهي معاملن واري وزارت جي آفيس ٻاهران پوليس مظاهرين تي ڪڙي پئي، احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته هو پنهنجن پيارن جي بحفاظت بازيابي لاءِ پرامن احتجاج ڪري رهيا هئا، پر پوليس دھرڻي تي ويٺل ڪيترن ئي مظاهرين کي گرفتار ڪري ورتو ۽ احتجاج دوران سندن سامان کڻي اڇلايو ويو.مظاهرين پوليس جي لٺبازي ۽ گرفتاريں تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته پنهنجن پيارن جي بازيابي لاءِ آواز اٿارڻ سندن حق آهي ۽ پرامن احتجاج ڪندڙن خلاف اهڙي ڪارروائي افسوسناڪ آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو