ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ کي اليڪٽرڪ ٽيڪسي سروس ۽ پنڪ ٽيڪسي سروس منصوبن تي تيز رفتاري لاءِ مسلسل متحرڪ ٿي ويو،سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ صوبي ۾ جديد ۽ ماحول دوست ٽرانسپورٽ سسٽم لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن، ان سلسلي ۾ هڪ مشهور ملٽي نيشنل اليڪٽرڪ گاڏيون ٺاهيندڙ ڪمپني جي وفد سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ڪمپني جي نمائندن پنهنجي اليڪٽرڪ گاڏين جي ماڊلز، خاصيتن ۽ ٽيڪنالاجي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي ايم ڊي ڪنول نظام ڀٽو ۽ سي اي او ٽرانس ڪراچي فواد غفار سومرو پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، سينئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ جدت آڻڻ چاهي ٿي. سنڌ ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جي استعمال کي فروغ ڏيڻ وقت جي ضرورت آهي، ته جيئن شهري صاف، محفوظ ۽ پائيدار سفري سهولتون حاصل ڪري سگهن، هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته سنڌ ۾ هڪ مضبوط اليڪٽرڪ ٽرانسپورٽ سسٽم قائم ڪيو وڃي. اليڪٽرڪ گاڏين سان گڏ، انهن جي چارجنگ اسٽيشنن، مينٽيننس سينٽرن ۽ ٻين بنيادي انفراسٽرڪچر جي تعمير ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا پڻ موجود آهن.هن چيو ته سنڌ حڪومت خانگي شعبي سان گڏجي هڪ اهڙو فريم ورڪ ٺاهي رهي آهي جيڪو سيڙپڪارن کي مڪمل تعاون ۽ تحفظ فراهم ڪندو. سنڌ حڪومت سيڙپڪارن لاءِ هڪ سازگار ماحول پيدا ڪيو آهي. ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون سيڙپڪارن لاءِ هڪ بهترين موقعو آهي. سيڙپڪارن کي 10 سالن جي ٽيڪس جي ڇوٽ سميت ڪيتريون ئي ترغيبون ڏنيون پيون وڃن.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان چاهيون ٿا ته وڌيڪ کان وڌيڪ بين الاقوامي ڪمپنيون سنڌ ۾ اچن ۽ هتي سيڙپڪاري ڪن. حڪومت سنڌ ۾ ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ بين الاقوامي معيار جون خدمتون متعارف ڪرائڻ لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪندي.سينئر صوبائي وزير چيو ته اسان جو مقصد ڪراچي سميت سنڌ جي سڀني وڏن شهرن ۾ اليڪٽرڪ ٽيڪسي سروس جلد کان جلد شروع ڪرڻ آهي، ته جيئن عوام کي جديد ۽ ماحول دوست سفري سهولتون ملي سگهن.










