بدين (ن سنڌيار) آبپاشي واري کاتي جي صوبائي وزير ڄام خان شورو اڄ بدين ضلعو پھچي جھڏو ڀرسان پراڻ ڍوري ۾ پيل گھاري واري جڳهه جو معائنو ڪيو ۽ ڍوري جي بحالي جي لاء ڪيل ھنگامي سرگرمين جو جائزو پڻ ورتو ـ ان موقعي تي صوبائي وزيرڄام خان شورو کي آبپاشي کاتي جي واسطيدار عملدارن پراڻ ڍوري ۾ گھاري ۽ بحالي واري ڪمن بابت بريفنگ ڏني. صوبائي وزير ڄام خان شوري لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اھي پراڻ ڍوري وٽ بحالي واري سرگرمين کي تيز ڪن ۽ پراڻ ڍوري ۾ پيل گھاري تي جلدکان جلد ضابطو آندو وڃي ـ صوبائي وزير کين وڌيڪ هدايت ڪئي ته اھي جھڏو ڀرسان پراڻ ڍوري ۾ پيل گھاري تي ضابطو آڻڻ لاءِ رليف جي سرگرمين کي تيز ڪن. ان موقعي تي صوبائي وزير چيو ته آبپاشي کاتي جي لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو مڪمل تياري سان الرٽ رهندي عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بڻائين










