ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ ۽ وائيس چيئرمين واٽر بورڊ سيد نجمي عالم پاران نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ پاڪستان انگلينڊ وچ ۾ ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ سيريز جي سلسلي ۾ انتظام مڪمل ڪرڻ جي ھدايتون جاري ڪري ڇڏيون، ان سلسلي ۾ ايم ڊي واٽر بورڊ محمد رفيق قريشي پاران واٽر بورڊ عملدارن کي حڪم جاري ڪندي چيو تہ نيشنل اسٽيڊيم ۾ ٿيندڙ سيريز جي سلسلي ۾ اسٽيڊيم اندر پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي وارا انتظام فوري طور تي مڪمل ڪيا وڃن ۽ اسٽيڊيم جي آسپاس شاهراه فيصل، ڪارساز، ڪي.ڊي.اي اسڪيم ون، نيو ٽائون، چاندني چوڪ، آغا خان اسپتال، ڊالميا، سوڪ سينٽر، گلشن اقبال بلاڪ 14، اردو سائنس ڪاليج، نيپا ۽ ٻين علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي واري نظام جي سخت نگراني ڪئي وڃي ۽ لائينن ۾ ليڪيجز کي فوري طور تي ختم ڪرڻ لاءِ تڪڙا قدم کنيا وڃن، ٻئي طرف ايم ڊي واٽر بورڊ جي ھدايتن تي عملدرآمد ڪندي انچارج هائڊرنٽ سيل محمد اعظم خان ۽ فوڪل پرسن هائڊرنٽ سيل شهباز بشير پاران جنرل مئنيجر پي سي بي ارشد خان سان ملاقات ڪري کيس واٽر بورڊ طرفان سمورا انتظام مڪمل ڪرڻ جو يقين ڏياريندي چيو تہ سيريز کان اڳ اسٽيڊيم ۾ مفت پاڻي ٽينڪرز فراهم ڪيا ويندا ۽ ميچ دوران اسٽيڊيم اندر پاڻي جا ٽينڪرز، جيٽنگ، سيڪشن ۽ راڊنگ مشينون موجود رھنديون تہ جيئن ڪنھن ھنگامي صورتحال تي فوري طور تي ضابطو آڻي سگھجي، ان کان علاوه ڪنھن بہ شڪايت جي فوري طور ازالي جي لاءِ واٽر بورڊ عملو اسٽيڊيم ۾ موجود رھندو، ان موقعي تي ايم ڊي واٽر بورڊ جو وڌيڪ چوڻ هو تہ ڪراچي ۾ پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي سيريز جو انعقاد ڪراچي لاءِ اعزاز جي ڳالھ آهي انڪري واٽر بورڊ پي سي بي سميت سمورن لاڳاپيل ادارن سان گڏجي ان کي ڪامياب بنائڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو.










