ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر ) مڪاني ادارن واري صوبائي وزير جي هدايتن تي اينٽي ٿيفٽ سيل واٽر بورڊ پاران پاڻي چورن خلاف ڪاروائيون تيز ڪري ڇڏيون.تفصيل موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ڪراچي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي چوري روڪڻ لاءِ ٻہ ڏينھن اڳ ٽاسڪ فورس قائم ڪئي ھئي، ٽاسڪ فورس جو سربراھ مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ کي مقرر ڪيو ويو جڏهن تہ ٻين ميمبرن ۾ ڪمشنر ڪراچي، ايڊيشنل آئي جي ڪراچي، وڏي وزير جو خاص مددگار وقار مهدي، وائيس چيئرمين واٽر بورڊ سيد نجمي عالم ۽ واٽر بورڊ جا چيف انجنيئرز رکيا ويا، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو تہ پوليس، رينجرز ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي مدد سان شھر ۾ غير قانوني ھائيڊرنٽس ۽ غير قانوني ڪنيڪشن جي خلاف گرينڊ آپريشن شروع ڪيو ويندو، ان سلسلي ۾ اينٽي ٿيفٽ سيل واٽر بورڊ پاران سنڌ جي وڏي وزير ۽ ٽاسڪ فورس جي سربراھ ۽ مڪاني ادارن واري صوبائي وزير جي هدايتن تي شهر جي مختلف علائقن ۾ پاڻي چورن خلاف پوليس جي مدد سان گرينڊ آپريشن شروع ڪندي لانڍي ليبر اسڪوائر ۾ زينت فيڪٽري جي آڙ ۾ جديد پلانٽ ۽ وڏي انڊر گرائونڊ غير قانوني واٽر ٽينڪ کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو، انچارج اينٽي ٿيفٽ سيل واٽر بورڊ عبدالواحد شيخ جو چوڻ هو تہ جوابدار زينت فيڪٽري جي آڙ ۾ جديد پلانٽ ۽ وڏا انڊر گرائونڊ واٽر اسٽوريج ٽينڪ ٺاهيا هئا جتان روزانو وڏي مقدار ۾ ٽينڪرن ذريعي پاڻي صنعتي علائقي ۾ وڌيڪ قيمتن تي وڪرو ڪيو ويندو هو، هن چيو تہ آپريشن دوران ڪيترن ئي پاڻي ٽينڪرن، موٽرن ۽ پائپس ضبط ڪري لاڳاپيل ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ان موقعي تي صوبائي وزير ۽ ٽاسڪ فورس جي سربراھ سيد ناصر حسين شاھ جو چوڻ هو تہ م شھرين جي حصي جو پاڻي چوري ۽ آلوده پاڻي وڪرو ڪندڙن ڪنهن بہ رعايت جا مستحق نہ آهن، سندس خلاف آپريشن جو دائرو وڌائي کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سندن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.










