ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي بورڊز واري صوبائي وزير محمد اسماعيل راھو جي صدارت هيٺ نائين ۽ ڏھين جماعت جي امتحانن بابت اھم اجلاس ٿي گذريو، جنهن ۾ سيڪريٽري بورڊز محمد مريد راهمون ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، نوابشاھ ۽ ميرپورخاص ڊويزنن جي نائين ۽ ڏهين جماعت جي بورڊز جي چيئرمينز شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪاپي ڪلچر جي روڪٿام، ھيٽ اسٽروڪ ۽ سيڪيورٽي انتظامن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صوبائي وزير اسماعيل جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ جي تمام امتحاني مرڪزن ۾ شاگردن ۽ استادن جي موبائل فونز آڻڻ تي پابندي ھوندي، موبائل فونز گڏ آڻڻ تي شاگردن کي امتحاني مرڪزن کان ٻاھر ڪڍيوويندو، بورڊز جا سمورا چيئرمينز امتحاني مرڪزن جي انچارجز کي شاگردن لاءٿڌو پاڻي ڪلاس روم تائين پھچائڻ جي سھولت فراھم ڪندا. اسماعيل راهو چيو ته سنڌ ۾ ڪاپي ڪلچرروڪڻ لاء امتحاني سينٽرن جي اندر ۽ ٻاھرسيڪيو رٽي سخت ڪئي وئي ويندي، سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ اڄ اڱاري کان نائين ۽ ڏھين جماعت جا 7 لک 26 ھزار 979 شاگرد امتحان ڏيندا، ڪراچي،حيدرآباد،سکر،لاڙڪاڻو ۽نوابشاھ ڊويزن۾1312 امتحا ني سينٽرقائم ۽ 112 ويجيلنسي ٽيمون مقرر ڪيون ويون آھن. اسماعيل راهو وفاقي حڪومت کان سنڌ جي امتحاني سينٽرن تي لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته سنڌ ۾ گرمي تما گهڻي وڌي وئي آهي جنهن جي ڪري امتحانن دوران لوڊشيڊنگ نه ڪئي وڃي، ڪراچي ۾ ڪي اليڪٽرڪ کي چيو ويو آهي ته امتحاني سينٽرن وارن علائقن ۾ لوڊشيڊنگ نه ڪئي وڃي. اسناعيل راهو امتحاني سينٽرن جي انچارجز کي به هدايت ڪندي چيو ته امتحانن دوران جنريٽر اسٽينڊ بائي رکيا وڃن، امتحاني سينٽرن جي اطراف قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي.










