اسلام آباد (بيورورپورٽ) وفاقي منصوبابندي واري وزير احسن اقبال ايندڙ وفاقي بجيٽ بابت چيو آهي ته صوبائي حڪومتون رضاڪاراڻي طور وفاق جي مدد ڪنديون. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون پنهنجي ترقياتي بجيٽ کي موجوده سال جي سطح تي منجمد ڪنديون.احسن اقبال وڌيڪ چيو ته جيڪي اضافي وسيلا حاصل ٿيندا، تن جي ذريعي ضرورتن کي پورو ڪيو ويندو.










