صوبائي جي 6 ۽ قومي جي 2 سيٽن تي ننڍي چونڊ جو فيصلو

صوبائي جي 6 ۽ قومي جي 2 سيٽن تي ننڍي چونڊ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اليڪشن ڪميشن ملڪ اندر خالي پيل 6 صوبائي ۽ ٻه قومي سيٽن تي ننڍي چونڊ ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو، صوبائي اليڪشن ڪمشنرز کي چونڊ شيڊيول ۽ صوبائي حڪومتن کي ننڍي چونڊ لاءِ ايس او پيز جاري ڪرڻ جِي هدايت ڪري ڇڏي. پيپلزپارٽي سنڌ جِي خالي پيل ٽن صوبائي تڪن پي ايس 43 سانگهڙ، پي ايس 52 عمرڪوٽ ۽ پي ايس 88 ملير تي ننڍي چونڊ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو هو. چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ سنڌ کانسواءِ ڪنهن به صوبي جا نمائندا شريڪ نه ٿيا. تاج حيدر اجلاس ۾ شامل ٿيو جڏهن ته مرتضيٰ وهاب ويڊيو لنڪ تي شريڪ ٿيو. سيڪريٽري اجلاس کي ٻڌايو ته سنڌ ۽ بلوچستان ننڍي چونڊ جي حمايت ڪئي هئي پنجاب ۽ خيبر پختونخواه ڪورونا سبب مخالفت ڪئي هئي. سنڌ چيو ته آئين موجب خالي ٿيل سيٽ تي 60 ڏينهن ۾ چونڊ لازمي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو