اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ايف بي آر ريجنل ٽيڪس آفيس پشاور ڪارروائي ڪئي ۽ صوابي ۾ تمباکو جي غير قانوني سائي پتي جي ٿريشنگ يونٽ جو سراغ لڳايو.ذريعن موجب، غير اعلانيل جي ايل ٽي يونٽ اربين رپين جي ٽيڪس چوري ۾ ملوث هجڻ جو انڪشاف ٿيو، سائي پتي جي ٿريشنگ يونٽ يار حسين امان آباد علائقي ۾ بغير اجازت جي سرگرم هو.ايف بي آر ذريعن موجب، يونٽ مان 90,970 ڪلوگرام لامينا، 20 هزار ڪلوگرام اسٽيم ۽ 149,990 ڪلوگرام مينهن جي پتي جو تمباکو هٿ ڪيو ويو، ڪمپني وٽ پاڪستان ٽوبيڪو بورڊ جو صرف 100 هزار ڪلوگرام ڪوٽا آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته غير قانوني گودام کي سيل ڪيو ويو آهي ۽ مشينري ۽ اسٽاڪ ضبط ڪيو ويو آهي، غير قانوني تمباکو جي اسٽوريج ۽ پيداوار تي وڌيڪ قانوني ڪارروائي جاري آهي.










