صنم جاويد جي اغوا جو ڪيس داخل ٿي ويو

صنم جاويد جي اغوا جو ڪيس داخل ٿي ويو

پشاور(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي عورت اڳواڻ صنم جاويد جي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ڪيس پشاور ايسٽ پوليس اسٽيشن ۾ صنم جاويد جي دوست هڪ عورت وڪيل جي شڪايت تي درج ڪيو ويو آهي، ڪيس جي متن موجب، صنم جاويد کي پشاور ۾ هڪ مصروف هاءِ وي تي روڪيو ويو ۽ 5 ماڻهو زبردستي کيس ڪار ۾ کڻي ويا، متن ۾ چيو ويو آهي ته هي سنگين واقعو قانون جي حڪمراني تي سواليه نشان لڳائي ٿو، تنهن ڪري واقعي جي فوري طور تي جاچ ڪئي وڃي ۽ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو