صمود فلوٽيلا غزه جي ويجهو پهچي ويو، حملي جو خطرو

صمود فلوٽيلا غزه جي ويجهو پهچي ويو، حملي جو خطرو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) دنيا جي 40 کان وڌيڪ ملڪن جي امدادي ڪارڪنن تي مشتمل غزه جي فلسطينين لاءِ امداد کڻي ويندڙ سامونڊي جهازن ۽ ٻيڙين وارو قافلو صمود فلوٽيلا، غزه جي ويجهو پهچي ويو آهي. اسرائيلي جهاز حملي جي تيارين ۾ آهن. اٽلي ۽ اسپين جا جنگي سامونڊي جهاز ۽ ترڪي جا ڊرون فلوٽيلا جي حفاظت ڪري رهيا آهن. فلوٽيلا هاءِ رسڪ زون ۾ پهچي ويو آهي، ماضي ۾ جتي اسرائيل اهڙن امدادي قافلن تي حملا ڪندو رهيو آهي. غزه کان صرف 150 ناٽيڪل ميل (278 ڪلوميٽر) جي فاصلي تي موجود قافلي ۾ شريڪ ماڻهن جو چوڻ آهي ته اسرائيلي جنگي جهازن ڪميونيڪيشن سسٽم بلاڪ ڪيو آهي. ڪولمبيا جي صدر گسٽاوو پيٽرو چيو آهي ته امدادي قافلي تي حملو انسانيت خلاف ڏوهه هوندو. اٽلي ۽ اسپين، جن فلسطيني رياست کي تسليم ڪندي اسرائيل تي پابندين جو مطالبو ڪيو آهي، تن قافلي ۾ شامل پنهنجي شهرين جي حفاظت لاءِ جنگي سامونڊي جهاز ته موڪليا آهن پر سندن موقف آهي ته هو اسرائيل جي سامونڊي حدن ۾ وڃڻ کان پرهيز ڪن، ڇو ته هو عالمي سامونڊي حدن م پنهنجي شهرين کي تحفظ فراهم ڪري سگهن ٿا. هن قافلي ۾ پاڪستان پاران جماعت اسلامي جو اڳوڻو سينيٽر مشتاق احمد به شامل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو