اسلام آباد (بيورو رپورٽ): صدرِ مملڪت آصف علي زرداري ۽ وزير اعظم شهباز شريف معرڪه حق ۾ پاڪستان جي شاندار ڪاميابيءَ جي ياد ۾ قائم ڪيل ”يادگارِ فتح“ جو باقاعده افتتاح ڪري ڇڏيو آهي.افتتاح جي موقعي تي نائب وزير اعظم اسحاق ڏار ۽ فليڊ مارشل سيد عاصم منير به موجود هئا. تقريب ۾ چيئرمين سينيٽ يوسف رضا گيلاني، وزير اعليٰ پنجاب مريم نواز ۽ وزير دفاع خواجه آصف به شرڪت ڪئي.تقريب ۾ مسلح افواج سان گڏ سول آرمڊ فورسز، پنجاب، سنڌ، بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا جا دستا شريڪ ٿيا. آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي پوليس جا دستا به تقريب ۾ موجود هئا. سروسز چيفس، وفاقي وزير ۽ پرڏيهي سفارتڪار به تقريب ۾ شريڪ ٿيا.يادگارِ فتح تي قومي جهنڊو به ڦڙڪايو. صدرِ مملڪت، وزير اعظم ۽ فليڊ مارشل گڏجي قومي پرچم لهرائيو.
پاڪستان ڦڙو ڦڙو ريڊ لائن آهي،ڀارت سڌي رستي تي نه آيو ته جواب ڏينداسين: شهباز شريف
وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي پاڻيءَ جو هڪ هڪ قطرو اسان جي “ريڊ لائن” آهي، اسان جنگ نه پر امن چاهيون ٿا، پر جيڪڏهن ڀارت سڌي راهه تي نه آيو ته ان کي سڌو سنئون جواب ڏنو ويندو.اسلام آباد ۾ معرڪه حق ۾ پاڪستان جي شاندار ڪاميابيءَ جي ياد ۾ قائم ڪيل “يادگارِ فتح” جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم شهباز شريف چيو ته يادگارِ فتح جي سائي ۾ پوري قوم کي جشنِ آزادي مبارڪ هجي، قائدِ اعظم قوم کي غلاميءَ جي اونداهين مان آزاد ڪرايو، معرڪه حق جي ڪاميابيءَ تي پوري قوم کي خراجِ تحسين پيش ڪريون ٿا. هيءَ يادگار پاڪ فوج جي برتريءَ جي علامت آهي.وزير اعظم چيو ته اڄ دلين ۾ جذبن جو سمنڊ ڇوليون هڻي رهيو آهي، فليڊ مارشل ۽ پاڪ فوج کي معرڪه حق ۾ ڪاميابيءَ تي خراجِ تحسين پيش ڪريان ٿو. معرڪه حق ۾ قوم جو سر فخر سان بلند ٿيو ۽ دشمن کي عبرتناڪ شڪست جو سامھڻو ڪرڻو پيو. وزير اعظم اعلان ڪندي چيو ته پاڪستان جي پاڻيءَ جي هڪ هڪ بوند اسان جي ريڊ لائن آهي، جيڪڏهن ڀارت راههِ راست تي نہ آيو ته ان کي باقاعده ۽ سڌوسنئون جواب ڏنو ويندو. اسان جنگ نه پر امن چاهيون ٿا، پر اسان جي امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجھيو وڃي. قوم متحد هجي ته ڪائي به طاقت شڪست نٿي ڏئي سگهي، پاڪستان ڏانهن ڪو به ميلي اک سان ڏسڻ جي جرئت نہ ڪري. اسان سڀ پاڪستان جا وارث آهيون، ۽ اختلافن کي دشمنيءَ ۾ تبديل نه ٿيڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان خطي ۾ استحڪام جي علامت بنجي چڪو آهي، چاهيون ٿا ته دنيا نئين تنازعات کان محفوظ رهي. پاڪستان آمريڪا ۽ ايراڻ وچ ۾ ثالث جو ڪردار ادا ڪيو. ترڪي به مڪه دفاعي معاهدي جو حصو بنجي چڪو آهي، مڪه دفاعي معاهدو مشرقِ وسطىٰ ۾ امن جي علامت آهي. فلسطين جي عوام جي حقن لاءِ پنهنجي حمايت جاري رکنداسين ۽ ڪشميرين لاءِ اسان جو موقف ٻه ٽوڪ آهي، سندن قربانين کي رائيگان ٿيڻ نه ڏينداسين. وزير اعظم افغان حڪومت کي مشورو ڏيندي چيو ته هو پنهنجي سرزمين کي دهشتگرديءَ لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪي. هن چيو ته صدر ٽرمپ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ بروقت جنگ بندي ڪرائي، جنهن لاءِ صدر ٽرمپ جو خاص ٿورو ادا ڪريان ٿو جنهن پاک-ڀارت جنگ بندي ڪراﺋي لکين جانيون بچايون. اميد آهي ته مستقبل ۾ آمريڪا سان تعلقات وڌيڪ مضبوط ٿيندا.
يادگارِ فتح معرڪه حق ۾ ڪاميابي، شهيدن ۽ غازين جي لازوال داستان آهي: صدرِ مملڪت
تقريب کي خطاب ڪندي صدرِ مملڪت آصف علي زرداري چيو ته فليڊ مارشل جي قيادت ۾ پاڪستان ڀارت کي عبرتناڪ شڪست ڏني. يادگارِ فتح معرڪه حق ۾ ڪاميابي، شهيدن ۽ غازين جي لازوال داستان آهي.صدرِ مملڪت جو چوڻ هو ته اسان امن عمل ۾ دنيا سان گڏ آهيون، امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪردار جي دنيا اعتراف ڪري ٿي. ڪوبه جنگ نٿو چاهي. ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جنگ بنديءَ ۾ فليڊ مارشل، نائب وزير اعظم ۽ وزير داخلہ اهم ڪردار ادا ڪيو. عالمي برادريءَ سان ملندي دنيا جي امن ۽ خوشحاليءَ لاءِ بھرپور ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون. غزه ۾ نسل ڪشي ڪنهن به صورت ۾ قابلِ قبول ناهي، ۽ ”گريٽر اسرائيل“ جو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿيندو.هن وڌيڪ چيو ته منهنجي والد به ڪشمير جي جهاد ۾ حصو ورتو هو.










