واشنگٽن( ڊيسڪ نيوز) آمريڪي صدر ڪابل حملي بعد طالبان سان ڳالهين جو عمل معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. توئٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ هن چيو آهي ته طالبان ۽ افغان صدر سان گذريل رات رٿيل ڌار ڌار ملاقاتون ۽ ڪيمپ ڊيوڊ ۾ طالبان سان ڳجهي ملاقات به رد ڪري ڇڏي آهي. ياد رهي ته دوحه ۾ آمريڪا ۽ طالبان ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه بعد افغان ڄائي آمريڪي نمائندي ظلمي خليل زاد چيو هو ته طالبان سان معاهدي جي ويجهو پهچي ويا آهيون ۽ هاڻي افغانستان جي حڪومت سان ڳالهائڻو آهي، جنهن بعد هو ڪابل پهتو ۽ صدر اشرف غني سان ملاقات ڪئي. جنهن بعد افغان حڪومت آمريڪا ۽ طالبان ۾ طئي ٿيل معاملن تي تحفظات ظاهر ڪيا ۽ اشرف غني اوچتو آمريڪا جو دورو به ملتوي ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ صدر ٽرمپ سان کيس ملڻو هو، جنهن ملاقات کي ٽرمپ ڪينسل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. طالبان جو موقف آهي ته معاهدي ٿيڻ تائين هو ڪاروايون جاري رکندا، افغانستان چاهي ته طالبان ڳالهين دوران ڪاروايون بند رکن. صدر ٽرمپ مختلف ٽوئيٽس ۾ چيو آهي ته ڪابل حملي جي طالبان پنهنجي موقف کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ذميواري قبول ڪئي، جنهن ۾ هڪ عظيم آمريڪي سپاهي سميت 12 ڄڻا مارجي ويا، ڇا طالبان پاڻ کي مظبوط ظاهر ڪرڻ لاءِ ايترا بيگناهه ماڻهو ماريندا؟ آخر افغان طالبان ڪيترن ڏهاڪن تائين جنگ وڙهڻ چاهين ٿا؟ اسين اهو نٿا ڪري سگهون ته طالبان حملا به ڪندا رهن ۽ اسين ساڻن ڳالهيون ڪري امن معاهدو ڪريون. مان طالبان سان امن ڳالهيون معطل ڪرڻ جو اعلان ڪريان ٿو.
آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي چيف خلاف فوج پاران انڪوائري شروع
صوبي جي 30 ٽيچنگ ٽريننگ ادارن کي اپ گريڊ ڪرڻ جو فيصلو
حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ پاران صارفين جي اوور بلنگ تي ڳڻتي
برسات جي اڳڪٿي، واٽر ڪارپوريشن ۾ برساتي ايمرجنسي لاڳو
پاڪستان تي سفري پابنديون برقرار
بلوچستان ۾ برساتن سبب ٻوڏ جي صورتحال، 8 ڄڻا فوت
پي ٽي آءِ جي شير افضل جي سعودي بابت بيان کان لاتعلقي
گورنر جي تبديلي جو فيصلو اسان نه وزيراعظم ڪندو: مراد شاهه
پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڀاڻي ٿيندو، صدر زرداري خطاب ڪندو
بلوچستان ۾ مخالف ڌر جو پهريون جلسو ناڪام رهيو: تارڙ
سنڌ ڪابينا جي وڌيڪ 8 وزيرن اڄ حلف کڻي ورتو
جيڪب آباد ۾ گهر واري خرچ گهرڻ تان مڙس هٿان قتل
سعودي وفد جي دوري سان اربين ڊالرن جي سيڙپ ٿيندي
ايڪس بندش خط واپسي جو حڪم، معاملا هٿ مان نڪرن پيا
توشه خانه ڪيس ۾ نواز شريف جي بريت جي درخواست
واٽس ايپ چيٽ لاءِ هڪ بهترين فيچر متعارف
تيز مغربي برساتي سسٽم ڪراچي ۾ داخل ٿي ويو
حڪومت پاران پنهنجي ئي مقرر جج خلاف ريفرنس داخل
ٻيو ٻار به جلد ايندو، ياسر حسين
خرچن ۾ شفافيت ۽ ٽيڪس وصولي ايف بي آر حوالي ڪريو