صدر ٽرمپ جي ساٿي چارلي ڪرڪ جو قاتل گرفتار

صدر ٽرمپ جي ساٿي چارلي ڪرڪ جو قاتل گرفتار

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي قدامت پسند اڳواڻ ۽ صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ويجهي ساٿي چارلي ڪِرڪ جي مبينه قاتل جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي ۽ پوليس کيس گرفتار ڪري ورتو آهي. قاتل جي سڃاڻپ 22 ورهين جي ٽائلر رابنسن جي نالي سان ڪئي وئي آهي. قاتل جي فيملي موجب ٽائلر رجعت پسند سوچ جي ڪري چارلي ڪرڪ کي ناپسند ڪندو هو ۽ چوندو هو ته چارلي ڪرڪ نفرت سان ڀريل شخص آهي، ٽائلر رابنسن بندوقن جو شوقين هو ۽ اڪثر شوٽنگ رينجز تي ويندو هو. رپورٽن موجب ملزم يوٽاهه جي علائقي واشنگٽن ۾ 6 ڪمري واري گهر ۾ رهندو هو، ٽائلر کي اڱاري تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، جتي کيس موت جي سزا به ملي سگهي ٿي. ياد رهي ته صدر ٽرمپ جو ويجهو ساٿي ۽ اسرائيل نواز چارلي ڪِرڪ کي ٻه ڏينهن اڳ يوٽاهه يونيورسٽي ۾ تقرير دوران گولي هڻي قتل ڪيو ويو هو. يونيورسٽي ۾ هڪ تقريب دوران هو شاگردن جي سوالن جا جواب ڏئي رهيو هو ته اوچتو سندس ھلي ۾ گولي لڳي، رت جو ڦوهارو نڪتو ۽ هو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو هو. قاتل ڀرواري عمارت جي ڇت تان مٿس گولي هلائي، بندوق پاسي ۾ وڻن ۾ اڇلائي ڀڄي ويو هو، سندس ڀڄڻ جي ويڊيو به گذريل ڏينهن سامهون آئي هئي. صدر ٽرمپ قتل تي صدمي ۽ ڏک جو اظهار ڪندي مقتول لاءِ صدارتي ميڊل جو اعلان ڪيو هو. چارلي ڪرڪ “ٽرننگ پوائنٽ يو ايس اي” نالي تنظيم جو باني به هو، جيڪا 2012 ۾ قائم ڪئي وئي هئي ۽ تعليمي ادارن ۾ قدامت پسند نظرين کي فروغ ڏيندو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو