صدر سان وزيراعظم جي ملاقات، آڊيو ليڪس معاملي تي ڳالهيون

صدر سان وزيراعظم جي ملاقات، آڊيو ليڪس معاملي تي ڳالهيون

اسلام آباد (بيورو) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان وزيراعظم شهبازشريف ملاقات ڪئي جنهن ۾ آڊيو ليڪس معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ذريعن مطابق ملاقات ۾ ملڪي سيڪيورٽِ ۽ معاشي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون هي ملاقات اسحاق ڊار جي قسم کڻڻ واري تقريب کان اڳ ٿي جنهن ۾ آڊيو ليڪس جي معاملي تي به ڳالهه ٻولهه ٿي وزيراعظم صدر کي جنرل اسيمبلي اجلاس دوران مختلف سربراهن سان ملاقاتن کان آگاهه ڪيو اسحاق ڊار وفاقي وزير جو حلف کڻڻ کان ترت پوءِ ايوان صدر ۾ صدر سان ملاقات ڪئي جيڪا 20 منٽن تائين جاري رهي. ٻنهي ملڪي معاشي صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪئي جڏهن ته ٻوڏ واري صورتحال ۾ معيشت جي وڌيڪ نقصان تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي وفاقي وزير اسحاق ڊار معاشي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ صدر کي پنهنجي پلان کان آگاهه ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو