ڪراچي (بيورو رپورٽ): صدرِ مملڪت آصف علي زرداري سان وفاقي گهرو وزير محسن نقوي اهم ملاقات ڪئي آهي، جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي امن امان جي صورتحال، خاص ڪري ڪي پي ۽ بلوچستان جي سڪيورٽي تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. گهرو وزير صدر کي دهشتگردي خلاف جاري آپريشنز تي بريفنگ ڏني. صدر آصف زرداري پاڪ فوج ۽ پوليس جي قربانين کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سڄي قوم فورسز سان گڏ آهي. ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال ۽ ٻين اهم قومي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.










