صدر جي ڪربلا ۾ امام حسين رضه جي روضي تي حاضري

صدر جي ڪربلا ۾ امام حسين رضه جي روضي تي حاضري

بغداد: (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري ڪربلا ۾ حضرت امام حسين رضه ۽ حضرت عباس علي رضه جي روضن تي حاضري ڏني.روضن تي حاضري دوران ڪربلا جو گورنر ڊاڪٽر نصيف جاسم الخطابي به صدر آصف علي زرداري سان گڏ هو. صدر آصف زرداري ٻنهي هنڌن تي فاتحه خواني ڪئي ۽ نفل ادا ڪيا. هن حضرت امام حسين رضه جي قرباني کي حق، عدل ۽ استقامت جي نشاني قرار ڏنو.صدر آصف علي زرداري روضن تي حاضري دوران مسلمان امت جي امن، اتحاد ۽ سلامتي جي لاءِ دعا ڪئي. هن امام حسين رضه جي روضي تي حاضري دوران ڳالهيون ڪندي انهن جي تعليمات کي حق، عدل ۽ انسانيت جي لاءِ اڳواڻي قرار ڏنو. حاضري جي موقعي تي صدر آصف زرداري ٻنهي مزارن جي منتظمين ۽ مبلغين سان ملاقات پڻ ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو