صدر جو اليڪشن ڪميشن تي حڪومتي دٻاءُ وارو بيان رد

صدر جو اليڪشن ڪميشن تي حڪومتي دٻاءُ وارو بيان رد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي اليڪشن ڪميشن تي حڪومتي دٻاءُ واري بيان کي رد ڪري ڇڏيو.اليڪشن ڪميشن جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته هنن ماضي ۾ حڪومت جو دٻاءُ قبول نه ڪيو ۽ هاڻي به نه ڪندا.اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب اليڪشن ڪميشن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان بابت صدر جي بيان سان متفق آهي.اميد آهي ته پاڪستان جي اليڪشن ڪميشن کي ڀارتي اليڪشن ڪميشن جي طرز تي صاف ۽ شفاف چونڊن لاءِ گهربل اختيار ملندا.

پهنجو تبصرو موڪليو