ٽنڊوباگو (رپورٽ ڄام سھيل سمون ) ٽنڊوباگو سميت بدين ضلعي ۾ اٺن کي صحيح کاڌ خوراڪ نه ملڻ، بيمارين کان بچاء جي وئڪسين نه ٿيڻ ڪري بدين ۾ 90 هزار اٺن جي تعداد مان صرف 30 سيڪڙو اٺ بچيا آهن. ٽنڊوباگو سميت بدين ضلعي ۾ اٺن جو تعداد تيزي سان گهٽجي رهيو آهي. ان سلسلي ۾ فيڊريشن آف پاڪستان چيمبر آف ايگريڪلچر ۽ لائيو اسٽاڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري فقير نصرت حسين کان مليل معلومات موجب 15 سال اڳ ڪيل سروي ۾ بدين ضلعي جي مختلف علائقن ۾ 90 هزار جي تعداد ۾ اٺ هوندا هئا، پر تازو فيڊريشن آف پاڪستان ايگريڪلچر ۽ لائيو اسٽاڪ جي سروي موجب بدين ضلعي جي 90 هزار اٺن مان صرف 30 سيڪڙو اٺ بچيا آهن. اٺن جي تعداد گهٽجڻ جو سبب اٺن جي کاڌ خوراڪ گهٽجي وڃڻ، اٺن کي وقت سر بيمارين کان بچاء لاءِ ويڪسين نه ٿيڻ ٻڌايو وڃي ٿو. خشڪي جو جهاز سڏجندڙ اٺ جي کاڌ خوراڪ ۾ ڄار جو وڻ وڏي اهميت رکي ٿو، پر بدين ضلعي ۾ پاڻي جي کوٽ ڪري معاشي بدحالي جي ور چڙهيل هاري ۽ پورهيت طبقي گذريل ڪيترن سالن کان ڄار جي وڻن جي واڍي ڪري ڄارين جون پاڙون ڪڍي پيٽ جي باه اجهائڻ لاءِ ان کي روزگار جو ذريعو بنائي ڇڏيو آهي. جنهن ڪري بدين ضلعي ۾ اٺن جي چاري وارو ڄار جو وڻ تيزي سان ختم ٿي رهيو آهي.چيمبر آف ايگريڪلچر ۽ لائيو اسٽاڪ حيدرآباد ڊويزن جي صدر سردار غلام رسول جمالي ´´ سنڌيار “سان ڳالهائيندي چيو ته اٺ هڪ قيمتي جانور آهي، بدين ضلعي ۾ تيزي سان اٺن جي تعداد گهٽجڻ تي سنڌ حڪومت کي جلد بدين ضلعي ۾ اٺن ۾ پيدا ٿيندڙ بيمارين کي روڪڻ لاءِ وٽنري جون ٻهراڙي ۾ موبائيل ڊسپينسريون ۽ عملو مقرر ڪيو وڃي. سنڌ ۾ آڳاٽي دور ۾ اٺن کي بار برداري، زمين کي سيراب ڪرڻ لاء هرلي ۾ هلائڻ، تيلي ٻجن مان تيل پيڙهڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو. ٿر ۾ اڃان تائين اٺن کي زمين کيڙڻ ۽ اونهن کوهن مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. بدين ضلعي ۾ غلام شاھ لڪياري ۽ ساجن سوائي جي هر سال لڳندڙ سالياني ميلن تي بدين ضلعي سميت ٺٽو، سجاول ۽ ٿر کان هزارن جي تعداد ۾ اٺ وڪري لاءِ اچن ٿا. جتي ڀلا اٺ پنجن کان ٻارهن لکن ۾ وڪرو ٿين ٿا. اقوام متحده جي ذيلي اداري يو اين ڊي پي پاران اٺ جي مک چاري ڄار جي وڻ جي بچاء افزائش لاء ڪيتري رقم جي فنڊ سان ھڪ پروجيڪ قائم ڪيو ھو پر انجو به بدين ضلعي ۾ ڪٿي به عملي ڪم ٿيل نظر نه ٿو اچي بدين جي حدن جي سامونڊي پٽي ۾ مٺو پاڻي نه ڇڏڻ ڪري تمر جا ٻيلا تباهه ٿي ويا آهن جنهن ڪري اٺ جو پسندھ چارو ختم ٿيڻ ڪري اٺ جو نسل گھٽجي ويو آهي وڌيڪ زمين آباد ڪرڻ جي چڪر ۾ انگريز حڪومت پاران ڳوٺن جي پاسن کان ڇڏيل ايراضي جنهن سيڙھا سڏبو ھو اھي به آباد ڪرڻ ڪري انھن ۾ ٿيندڙ لاڻي جو وڻ جيڪو اٺن جو چارو ھو ختم ٿيڻ ڪري اٺن جي چاري ۾ گھٽتائي آئي آھي۔










