صحت کاتي جي نااهلي، ڊسپينسري عوام لاءِ بي لاڀ بڻيل

صحت کاتي جي نااهلي، ڊسپينسري عوام لاءِ بي لاڀ بڻيل

ڪلوئي (ن سنڌيار)صحت کاتي جي لاپرواهي سبب ڳوٺ کاکڻهار ماکيا ۾ قائم ڊسپينسري عوام لاءِ بي لاڀ بڻيل آهي وڏي عرصي کان تالا لڳل آهن مقرر عملو گهر ويٺي پگهارون کڻڻ لڳو ڳوٺاڻا سخت پريشان نوٽيس ورتو وڃي ڳوٺاڻا،،، ڊسپينسري جي مقرر عملي معرفت ميڊيسن وڪرو ٿيڻ جو پڻ انڪشاف ٿيو آهي جانچ جو مطالبو ڪلوئي ڳوٺ کاکڻھار ۾ قائم ڊسپينسري کي صحت کاتي جي لاپرواهي سبب وڏي عرصي کان تالا لڳل مقرر عملو گهر ويٺي پگهارون کڻڻ لڳا آهن ڳوٺاڻا بيمارين ۾ سخت پريشانين کي منهن ڏئي سٺ کان ستر ڪلو ميٽر سفر ڪري مٺي ڏيپلو ڪلوئي علاج لاءِ وڃن ٿا انھي موقعي تي ڳوٺاڻن نصرالله ماکيو ذوالفقار خان پسايو عبدالله خدابخش ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ڳوٺ کاکڻھار ۾ قائم ڊسپينسري ۾ مقرر ڊسپينسر ڊاڪٽر ۽ ٻيو مقرر عملو ڊيوٽيءَ ڪرڻ بجاءِ گھر ويٺي پگھارون کڻن لڳا آهن ڊسپينسري کي وڏي عرصي کان تالو لڳل ٿر جو ڳوٺ ھجڻ سبب ڏورانهين علائقن جا ماڻهو سخت پريشان آهن مٿي جي سور ۽ بخار جي گوري به نه ٿي ملي ڏورانهين علائقن کان سفر ڪري سٺ کان ستر ڪلو ميٽر سفر ڪري مٺي ڏيپلو ڪلوئي علاج لاءِ وڃڻو پوندو آھي انھن وڌيڪ چيو ته ڊسپينسري جو مقامي پٽيوالو مقرر عملي کان ماھوار ٽي کان چار ھزار وٺي ھفتي ۾ ھڪ چڪر اچي سڀني مقرر عملي جي صحيح ڪري ھليو وڃي ٿو ڳوٺاڻن وڌيڪ الزام ھڻيندي چيو آهي ته ڊسپينسري لاءِ ماھوار بجيٽ مان مليل ميڊيسن مسڪين ۽ بيماري ماڻھن کي ڏيڻ بدران مقرر عملي جي معرفت وڪرو ٿي پئي انھن ڊي سي ٿر ڊي ايڇ او ٿرپارڪر سميت اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو نوٽيس وٺي مقرر عملي کي ڊيوٽي جو پابند بڻائي عوام جي صحت جون سهولتون ڏنيون وڃن

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو