صحافي سان بدتيزي ڪندڙ هلڪار خلاف مظاهرو

صحافي سان بدتيزي ڪندڙ هلڪار خلاف مظاهرو

مدئجي(ن س)مدئجي ۾ لاڙڪاڻو دڙي ٿاڻي جي ايس ايڇ او شاھد ميمڻ جي ڀائٽي قمبر پوليس هيڊ ڪوارٽرجي منشي جنيد جاويد ميمڻ پاران لاڙڪاڻو جي سينيئر صحافي ذوالفقارمگسي سان ڪيل بدتميزي خلاف قلم ڌڻين پاران احتجاج ڪيو ويو. جنهن دوران قلم ڌڻي ڄاڻايل پوليس اهلڪارن خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا،مظاهري دوران قلم ڌڻين وحيد جوکيو،آغا عاطف، سورهيه ميراڻي، معظيم ڀٽو، نويد احمد دل، ايازسومرو، رياض منگي، علي جان بروهي ۽ ٻين چيوته حق سچ لکڻ تي ڄاڻايل پوليس اهلڪارن لاڙڪاڻي جي سينيئر قلم ڌڻي ذوالفقار مگسي سان بدتميزي ڪندي سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آهن،جنهن عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، مظاهرين ايس ايس پي قمبر،ڊي آء جي لاڙڪاڻو ۽ آءِ جي سنڌ کان گهر ڪئي ته واقعي جو نوٽيس وٺي ڄاڻايل پوليس اهلڪارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو