صحافي جي گرفتاري خلاف ٻي ڏينهن احتجاج

جوهي (رپورٽ منصور گاڏهي )جوهي ڪاڇي جي صحافي نادر مستوئي جي گرفتاري خلاف جوهي پريس ڪلب سٿ پاران ٻي ڏينهن به احتجاجي مظاهرو پيربخش ٻٻر, حاڪم لغاري, وفا برهماڻي عالم ٿهيم, منصور گاڏهي, اصغر رستماڻي, نوراحمد لغاري, ڪامران باھوٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي,ان موقعي تي صحافين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سي آئي پوليس دادو بناجواز ڪاڇي جي صحافي نادر مستوئي کي گرفتار ڪري قلم ڌڻين کي خاموش ڪرڻ لاء انتقامي ڪاروائي ڪري رهي آهي هنن وڌيڪ چيو آهي ته  پوليس ڪاڇي سميت دادو ضلعي اندر وڌندڙ بدامني کي ڪنٽرول ڪرڻ بجاء قلم ڌڻين خلاف ڪاروائي ڪري خاموش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري آهي هنن حڪومت سنڌ, آئي جي سنڌ, ڊي آئي جي حيدرآباد سميت الا اختيارين کي اپيل ڪندي چيو آهي ته ڪاڇي جي صحافي نادر مستوئي کي جلد کان جلد آزاد ڪري صحافين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو