خانواهڻ(ن سنڌيار)ڳوٺ چنيھ نوح پوٽو جي معزز شخصيت رٽائر پرائمري استاد احمد بخش نوح پوٽو جو فرزند ، سنڌي ادبي سنگت شاخ خانواهڻ جي ڪاؤنسلر شاعر ۽ صحافي عاجز امتياز نوح پوٽو ، فوجي سجاد احمد نوح پوٽو ۽ اعجاز احمد نوح پوٽو جو ڀاءُ بهارو ملا اسپتال جو سرڪاري ملازم ۽ سماجي اڳواڻ وحيد علي نوح پوٽو هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو جنهن جي نماز جنازہ ۾ سياسي ، سماجي ، مذهبي ، ادبي ، صحافتي شخصيتن ۽ آس پاس جي عوامي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سندس مڙھ اباڻي قبرستان پير مبارڪ شاهه لڳ ديهات ۾ آلين اکين سان دفنايو ويو. سندس وارثن سان تعزيتي سلسلو جاري آهي.










