راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) هولي فيملي اسپتال جي ڪار پارڪنگ مان هڪ سلور رنگ جي گاڏي مان صحافي جو لاش هٿ آيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪار جي پوئين سيٽ تان وهاڻو، ڪمبل، نشي آور گريون، شيونگ جو سامان ۽ انجيڪشن به مليون آهن. لاش 4 ڏينهن پراڻو آهي ۽ سندس شناخت شفاعت شيخ طور ٿي آهي، جيڪو مقامي اردو اخبار لاءِ ڪم ڪندو هو. متوفي جي نياڻي جو چوڻ آهي ته هو اڪثر ڪار ۾ سمهندو هو ڇو ته 10 سالن کان سڪون خاطر نشو واپرائيندو هو. بيٺل ڪار مان بدبوءِ ڦهلجڻ بعد پوليس کي اطلاع ڪيو ويو جن لاش اسپتال پهچايو.










