صحافين ۽ ٽرانسپورٽرن جا ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا

نوشهروفيروز (ڊ ر) صحافين ۽ ٽرانسپورٽرن پريس ڪلب آڏو ڌار ڌار مظاهرا ڪيا.

صحافين پڊعيدن جي شهيد صحافي علي شير راڄپر جي قتل جا مک جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف جڏهن ته ٽرانسپورٽرن چالان ڪاٽڻ ۽ رشوت ۾ اضافي خلاف احتجاج ڪيو. صحافين سان احتجاج ڪرڻ وارن ۾ شھيد صحافي جا وارث به گڏ هئا. احتجاج ڪندڙن شهيد علي شير راڄپر جا قاتل گرفتار ڪيو جا زوردار نعرا هنيا. ان موقعي تي پريس ڪلب جي صدر ۽ ٻين چيو ته پڊعيدن ۾ صحافي کي قتل ڪيوويو پر اڃا تائين قتل جو مک جوابدار ٽائون چيئرمين شڪيل احمد راڄپر ضمانت رد ٿيڻ باوجود به آزاد گهمي رهيو آهي. هنن چيو ته صحافي جو قتل سچائي جو قتل آهي. هنن چيو ته شهيد صحافي جي قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏيڻ سان گڏ صحافين کي تحفظ فراهم ڪري شهيد صحافي جي نياڻين جي تعليم ڏيارڻ لاءِ حڪومتي سطح تي بندوبست ڪيو وڃي.

ٻئي پاسي ٽرانسپورٽر اتحاد پاران آر ٽي ضلعي آفيسر ضمير بروھي ۽ اصغر علي گهانگهرو جي زيادتين ۽ رشوت خوري خلاف الله واري چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ڊرائيورن الزام هڻندي دعويٰ ڪئي ته ضلعي ۾ رشوت جي بازار گرم آهي روز روز نوان ڪوڙا چالان ڪٽي ٻه کان ٽي ڪلاڪ روڊن تي بيهاري ڇڏين ٿا. جنهن سبب روزيدار مسافر پڻ پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. هنن چيو ته هڪ طرف تيل مھانگو ڪيو ويو آهي ته ٻئي طرف آر ٽي آفيسر اسان کي پريشان ڪري بيروزگار ڪرڻ چاهين ٿا. هنن سنڌ حڪومت سميت ٽرانسپورٽ جي وزير کان مطالبو ڪيو ته ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو