صحافتي تنظيمن پاران پريس ڪلب تي پوليس جي حملي جي مذمت

صحافتي تنظيمن پاران پريس ڪلب تي پوليس جي حملي جي مذمت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)صحافي تنظيمن سي پي اين اي، پي ايف يو جي ۽ ايمنڊ اسلام آباد پريس ڪلب تي پوليس جي ڇاپي جي مذمت ڪئي ۽ واقعي کي دهشتگردي قرار ڏنو، صحافي تنظيمن واقعي ۾ ملوث عملدارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي، صحافي تنظيمن هڪ گڏيل بيان ۾ چيو ته هي صحافين خلاف ڪيترن ئي ڏينهن کان جاري ڪاررواين جو تسلسل آهي، صحافين جي ڪردار ڪشي، انهن کي دٻاءُ ۾ رکڻ ۽ انهن جي راءِ جي اظهار کي دٻائڻ جو عمل هاڻي بند ٿيڻ گهرجي، انهن چيو ته اهي صحافين خلاف ڪيل ڪاررواين خلاف آئيني ۽ قانوني جدوجهد جو هر آپشن استعمال ڪندا،پشاور پريس ڪلب جي صدر چيو ته پريس جي آزادي تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو.بلوچستان يونين آف جرنلسٽس پڻ واقعي جي مذمت ڪئي ۽ ملوث ماڻهن خلاف فوري ڪارروائي جو مطالبو ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو