ڪراچي(ويب ڊيسڪ)فلم اسٽار اداڪاره صاحبه پاڪستان جي مشهور اداڪارا کي پٽ سان گڏ ڪاسٽ ڪرڻ جي خواهشمند آهي.تازو ئي سينيئر فنڪاره صاحبه ۽ ريمبو هڪ خانگي ٽي وي جي مارننگ شو ۾ مهمان طور آيا هئا، جتي ٻنهي وچ ۾ دلچسپ ڳالهه ٻولهه ٿي هئي.شو دوران ميزبان هڪ سوال پڇيو ته جيڪڏهن توهان کي فلم ٺاهڻي آهي ته توهان فلم جي ڪاسٽ ۾ ڪهڙن اداڪارن کي شامل ڪندا؟ جنهن تي ريمبو جواب ڏنو ته مان پنهنجي وڏي پٽ احسن افضل خان کي هيرو ڪاسٽ ڪندس، باقي مون کي سندس عمر جي ساٿين جا نالا ناهن. اهڙي سوال جي جواب ۾ اداڪارا صاحبه چيو ته مان هانيه عامر کي پنهنجي پٽ سان ڪاسٽ ڪندس ڇو ته هن جي چهري تي خوبصورت ڊمپل آهن ۽ منهنجي پٽ احسن کي به ڊمپل آهن.اداڪارا چيو ته مون کي هانيا عامر پسند آهي، جيتوڻيڪ مان ڊراما نه ڏسندي آهيان پر هن وقت فهد مصطفيٰ جا ڊراما ڏسي رهي آهيان ۽ مون کي هن کي تمام گهڻو پسند آهي.










