شڪارپور (ن س )شڪارپور ۾ 9 سالن جي نياڻيءَ سان زيادتي جي تصديق ٿي وئي آهي. پوليس موجب، شڪارپور جي ٺروپور محلي ۾ 9 سالن جي نياڻيءَ کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، جنهن جي (ميڊيڪل رپورٽ ۾) تصديق به ٿي چڪي آهي. متاثرہ نياڻيءَ جي پيءُ جو چوڻ آهي ته جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي، پر هاڻي جوابدار ۽ سندس ساٿين پاران کين ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.پوليس جو چوڻ آهي ته ڌمڪيون ڏيندڙ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مرڪزي جوابدار سميت ٻين جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.










