آمريڪي شٽ ڊائون، لکين ملازم گهر ڀيڙا، اڄ ٻيهر ووٽنگ ٿيندي

آمريڪي شٽ ڊائون، لکين ملازم گهر ڀيڙا، اڄ ٻيهر ووٽنگ ٿيندي

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪا ۾ خرچن جو بل منظور نه ٿيڻ سبب حڪومت جو ڪم رڪجي ويو، خلائي اداري ناسا سميت ڪيترائي کاتا بند ڪري لکين ملازمن کي گهر روانو ڪيو ويو آهي. ناسا پنهنجي سرڪاري ويب سائيٽ تي اداري جي بندش جو اعلان ڪندي چيو ته فنڊنگ معطل ٿيڻ بعد ادارو پنهنجيون سڀ سرگرميون روڪي ٿو ڇڏي. اداري جا 15 هزار کان وڌيڪ ملازم عارضي طور فارغ ڪيا ويا آهن. ناسا چيو آهي ته صرف محدود عملو ايمرجنسي ڊيوٽي تي رهندو جيڪو اهڙن مشنز تي ڪم ڪري رهيو آهي، جن کي روڪڻ سان خلابازن جي جان کي خطرو ٿي سگهي ٿو يا اهڙا حساس آپريشن متاثر ٿي سگهن ٿا، جن جي حفاظت ضروري آهي. رپورٽس موجب ساڍا 7 لک وفاقي ملازم جبري موڪلن تي آهن، ڪيپيٽل هل ۽ ڪانگريس جي لائبريري به مهمانن لاءِ بند ڪئي وئي آهي. شٽ ڊائون سبب فضائي سفر متاثر ٿيو آهي، سائنسي تحقيق معطل ٿي وئي آهي،آمريڪي فوجين کي پگهارون نه ملنديون ۽ عوامي سهولتن سان لاڳاپيل سرگرميون به بند ٿي ويون آهن. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن بحران حل نه ٿيو ته وڏي پيماني تي ملازم برطرف ٿي سگهن ٿا. نائب صدر جي ڊي وينس بريفنگ ۾ چيو ته کيس خبر ناهي ته هي شٽ ڊائون ڪيترو وقت هلندو، جڏهن⁠ته وائٽ هائوس جي ترجمان خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن شٽ ڊائون جاري رهيو ته وفاقي ملازم ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ پنهنجون نوڪريون وڃائي سگهن ٿا. هي شٽ ڊائون سينيٽ پاران عارضي فنڊنگ بل رد ڪرڻ بعد شروع ٿيو، ڊيموڪريٽس ۽ ريپبلڪن هڪ ٻئي کي ذميوار قرار ڏئي رهيا آهن. حڪومتي فنڊنگ بل تي سينيٽ ۾ اڄ ٻيهر ووٽنگ ٿيندي. ياد رهي ته سينيٽ ۾ حڪومتي پارٽي ريپبلڪن جي اڪثريت آهي، پر 100 رڪني ايوان ۾ بل پاس ڪرائڻ لاءِ 60 ووٽ گهربل آهن، جڏهن⁠ته ريپبلڪن وٽ صرف 53 سيٽون آهن ۽ بل پاس ڪرائڻ لاءِ حڪومت کي ڊيموڪريٽس جي حمايت کپندي. ڊيموڪريٽس جو مطالبو آهي ته عوام جي صحت ۽ ڀلائي لاءِ فنڊنگ ۾ واڌ ڪريو جنهن تي ريپبلڪن کي اعتراض آهي. 2018 ۾ به صدر ٽرمپ جي وقت شٽ ڊائون هڪ مهيني کان مٿي جاري رهيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو