لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ مسجد نبوي واقعي ۾ اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد کي بيگناهه قرار ڏئي ڇڏيو.جسٽس چوڌري عبدالعزيز مسجد نبوي ۾ افسوسناڪ واقعي تي شيخ رشيد خلاف داخل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.توهين رسالت ڪيس ۾ جاچ آفيسر شيخ رشيد ۽ راشد شفيق کي بري ڪري ڇڏيو.عدالت شيخ رشيد ۽ شيخ رشيد شفيق پاران ڪيس اڪلائڻ لاءِ داخل درخواستون اڪلائي ڇڏيون.عدالت شيخ رشيد ۽ راشد شفيق کي داخل ڪيسن بابت ٽرائل ڪورٽ ۾ وڃڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.










