شيخ رشيد حنيف عباسي خلاف عدالت پهچي ويو

شيخ رشيد حنيف عباسي خلاف عدالت پهچي ويو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ حنيف عباسي کي وزيراعظم جو خاص مددگار بنائڻ واري قدم کي هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي. عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد حنيف عباسي کي وزيراعظم جو خاص مددگار بنائڻ خلاف درخواست اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪئي جنهن ۾ وفاق کي سيڪريٽري ۽ حنيف عباسي ذريعي ڌر بنايو ويو آهي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته حنيف عباسي خلاف 21 جولاءِ 2012 ۾ اينٽي نارڪوٽيڪس فورس ڪيس داخل ڪيو هو. هن پنھنجي فارماسٽيڪل ڪمپني ۾ دوا ٺاهڻ لاءِ 500 ڪلوگرام ايفيڊرين جي ڪوٽا ورتي هئي بعد ۾ هن دوا ٺاهڻ بدران اهو ڪيميڪل ڊرگ مافيا کي ڳري قيمت تي وڪرو ڪيو هو، ايفيڊرين هيروئن سميت مختلف منشيات ٺاهڻ ۾ استعمال ٿيندي آهي. ان ڪيس ۾ کيس 10 لک ڏنڊ ۽ عمر قيد جي سزا ملي هئي. شيخ رشيد موجب ته حنيف عباسي سزا يافته آهي کيس ٽرائل ڪورٽ 21 جولاءِ 2016 تي سزا ٻڌائي. سزا خلاف هن راولپنڊي بينچ ۾ اپيلڪ ڪئي هئي پر ٻن ججن ڪيس ٻڌڻ کان انڪار ڪيو هو جنهن بعد لاهور هاءِ ڪورٽ جي پرنسپل سيٽ تي هي ڪيس ٽرانسفر ٿيو، جتي لاهور هاءِ ڪورٽ جي ڊي بي جنهن جي سربراهه جسٽس عاليا نيلم هئي تنهن حنيف عباسي جي سزا معطل ڪرڻ ضمانت واري ڌار داخل ڪيل درخواست منظور ڪندي چيو هو ته اپيل جي ٻڌڻي بعد ۾ ٿيندي. شيخ رشيد پنهجي درخواست ۾ وڌيڪ چيو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ ٽرائل ڪورٽ جي سزا اپريل 2019 ۾ معطل ڪئي هئي ۽ اها ختم نه ڪئي آهي، ڏوهاري هجڻ جو فيصلو ختم ناهي ٿيو. سيڪريٽري ڪابينه ۽ حنيف عباسي ٻڌائين ته ڪهڙي قانون تحت کيس ان عهدي تي مقرر ڪيو ويو. ياد رهي ته حنيف عباسي کي 27 اپريل 2022 تي وزيراعظم جو خاص مددگار مقرر ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو