شيخ جو صدر کي خط، وزيراعظم کي اعتماد جي ووٽ لاءِ چئو

شيخ جو صدر کي خط، وزيراعظم کي اعتماد جي ووٽ لاءِ چئو

لاهور (بيورو رپورٽ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد وزيراعظم کي اعتماد جا ووٽ وٺڻ لاءِ پاڪستان جي صدر کي خط لکي ڇڏيو اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد پنهنجي وڪيل اظهر صديق جي مدد سان خط لکيو خط جي متن مطابق اليڪشن ڪرائڻ حڪومت جي آئيني ذميواري آهي قومي اسيمبلي ۾ فنڊ منظور نه ڪرائي وزيراعظم اڪثريت وڃائي چڪو آهي خط جي متن مطابق وزيراعظم جي ايوان ۾ اڪثريت ناهي رهي صدر وزيراعظم کي ايوان مان اعتماد جو ووٽ وٺڻ جي ايڊوائيز ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو