شيخ رشيد احمد جي خلاف داخل ڪيسن جو تفصيل طلب

شيخ رشيد احمد جي خلاف داخل ڪيسن جو تفصيل طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد احمد جي خلاف داخل ڪيسن جو تفصيل گهري ورتو جڏهن ته عدالت آئي جي اسلام آباد ۽ ڪوهسار ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي نوٽِس جاري ڪندي 27 جون تائين جواب گهري ورتو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طاهر محمود جهانگيري اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي پٽيشنر پاران سردار عبدالرزاق ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ چيو ته شيخ رشيد جي گهر تي ڇاپي دوران ملازمن تي تشدد ڪيو ويو پوليس شيخ رشيد جي گهر مان ٻه گاڏيون به پاڻ سان گڏ کني وئي شيخ رشيد جي درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي ته ان جي خلاف داخل ڪيسن جو تفصيل فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي حفاظتي ضمانت منظور ڪئي وڃي ۽ گهر تي ڇاپي ۾ ملوث پوليس اهلڪارن جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جا حڪم ڏنا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو