شيخ اياز شاعري کي نوان موڙ ۽ رخ ڏنا، ڀيٽا پيش

شيخ اياز شاعري کي نوان موڙ ۽ رخ ڏنا، ڀيٽا پيش

گهوٽڪي(سليم فضل ڪلهوڙو)سنڌ ڌرتي جي مهان شاعر شيخ اياز کي ڀيٽا ڏيندي اديبن، دانشورن،شاعرن، وڪيلن ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن چيو آهي تہ شيخ اياز صدين جو شاعر آهي، جنهن شاعري کي نوان موڙ ۽ رخ ڏنا،هو ڀٽائي جو تسلسل آهي، جنهن فڪري طور اها ساڳي لاٽ روشن ڪئي، جنهن جي روشني سان قومون پنهنجي تقدير جا فيصلا ڪنديون آهن، شيخ اياز کي عالمي ٻولين ۾ ترجمو ڪري سندس فڪر کي آفاقي حيثيت ڏياري سگهجي ٿي، اهڙو اظهار انهن گذريل ڏينهن سنڌي ادبي سنگت ۽ سگا گهوٽڪي پاران شيخ اياز جي جنم ڏينهن جي سلسلي ۾ ٿيل شاندار تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو،سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سيڪريٽري جنرل پريل دايي چيو تہ سماج جا هڪڙا فرد سرڪاري ادارن جي نالي تي شيخ اياز جا پروگرام ڪري سندس عوامي، قومي، فڪري ۽ ترقي پسند پورهئي کي پنهنجي مفادن جي خاطر ڪيش ڪرائڻ چاهن ٿا، پر اياز جا چاهيندڙ سندس پورهئي کي ڳوٺن ۽ ڳلين ۾ عام ڪري سندس پيغام کي وڌائڻ چاهن ٿا، ڇاڪاڻ تہ اياز پاڻ رڳو شاعري نہ ڪئي پر انهيءَ جي پاداش ۾ جيل بہ ڀوڳيا، سزائون بہ کاڌيون، سندس ڪتابن تي پابنديون به مڙهيون ويون، کيس عتاب جو نشانو به بڻايو ويو، هن چيو تہ سنڌي ادبي سنگت شيخ اياز جي فڪري مشعل کي واڌائڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي، ناليواري دانشور بدر سميجي چيو تہ اياز جي شاعري انهي ڪري عظمت جي اوچاين تي آهي جو هن ڌرتي جي دردن کي اهميت ڏني، هنجي شاعري ۾ مظلومن جو اتساهہ آهي،سندس سٺ کان وڌيڪ ڪتابن ۾ پوپٽ جهڙا شعر رنگ برنگي لفظن سان اڏري رهيا آهن،، هن چيو تہ جن ليکڪن ۽ شاعرن نوبل انعام حاصل ڪيا آهن، انهن وٽ بہ اياز وارو تخيل موجود آهي پر اياز کي پنهنجي ٻولي کان اڳتي وٺي وڃڻ ۾ ڪنهن بہ اداري يا فرد دلچسپي نہ ورتي آهي، انهيءَ موقعي تي ايڊووڪيٽ لال بخش گهوٽي، رئوف پارس دايي، سڪندر اوڳاهي ،ايڊووڪيٽ راحب ملاڻو،ايڊووڪيٽ لطيف کوسو،الهورايي بوزدار، غضنفر بخاري، عبدالحئي ڀٽو، خالد لاکي، آصف ملڪ، اياز لطيف دايو ،اسد مير، ڪامريڊ بادل ملڪ، پروفيسر وجيش ڪمار، اشفاق ملڪ، پروفيسر عبدالحفيط دايو، ڪامريڊ گل سنڌي ۽ ٻين شيخ اياز جي شخصيت تي روشني وڌي، استاد محمد بخش عارباڻي خوبصورت نمومي ڪمپيئرنگ ڪئي، جڏهن نوجوان فنڪار سيد علي نواز شاهہ پنهنجي خوبصورت آواز ۾ شيخ اياز جي شاعري ڳائي، محفل کي جهومائي ڇڏيو، مشاعري جي محفل ۾ قاضي محبوب، عاجز خدا بخش عباسي، عجيب الله ميمڻ، اياز لطيف دايو ،راحب ملاڻو ۽ ٻين خوبصورت شاعري پيش ڪئي، سگا گهوٽڪي جي صدر آغا بلاول پٺاڻ آخر ۾ سڀني آيل مهمانن جا ٿورا ادا ڪيا.

پهنجو تبصرو موڪليو