شيخوپوره (ويب ڊيسڪ)شيخوپوره ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ئي خاندان جا 4 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته هڪ عورت سخت زخمي ٿي پئي.پوليس موجب مارجي ويلن ۾ شاهه محمد، سندس زال، ڌيءَ ۽ 8 ورهين جو ٻارڙو شامل آهن.پوليس جو چوڻ آهي ته زخمي عورت تازو ئي ٻي شادي ڪئي هئي، گهر ۾ موجود نه هئڻ سبب گهر جا 3 ڀاتي بچي ويا.آءِ جي پنجاب پوليس ڊاڪٽر عثمان انور واقعي جو نوٽيس وٺندي آر پي او شيخوپوره کان رپورٽ طلب ڪندي جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو حڪم ڏنو آهي.










