اسلام آباد(بيورو رپورٽ)شوال جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس اسلام آباد ۾ ڪميٽي جو چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد جي صدارت ۾ ٿيو. جنهن بعد پريس ڪانفرنس ۾ هن چنڊ نظر اچڻ جو اعلان ڪندي عيد الفطر سڀاڻي سومر تي ملهائڻ جو اعلان ڪيو. ياد رهي ته پاڪستان جي اسپيس اداري ‘سپارڪو’ موجب، شوال جو چنڊ گذريل ڏينهن پاڪستاني وقت مطابق 3 وڳي 58 منٽن تي ٺهي چڪو هو، جڏهن ته آچر تي غروب آفتاب جي وقت چنڊ جي عمر لڳ ڀڳ 27 ڪلاڪ هوندي. اسلام آباد ۽ لاهور ۾ شوال جو چنڊ نظر اچي ويو آهي. پاڪستان ۾ بوهري ڪميونٽي اڄ آچر تي عيدالفطر ملهائي آهي، جڏهن ته عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه ايمل ولي خان به اڄ عيد ملهائڻ جو اعلان ڪيو هو. ٻئي طرف، اڄ سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات سميت مختلف خليجي ملڪن ۾ عيدالفطر ملهائي وئي.










