اوٻاوڙو:(ن س) اوٻاوڙو جي علائقي مياني ۾ گذريل رات ڌاڙيلن جي فائرنگ ۾ شهيد ٿيل ٻن پوليس اهلڪارن عبدالحنان ملڪ،عبدالسميع سمون جي جنازي نماز مرڪزي عيد گاهه ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ پوليس رينجرز جي اهلڪارن سميت شهرين وڪيلن، صحافين، ۽ واپارين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. گذريل ڏينهن ڳوٺ مياڻي ڀرسان تاڙ ۾ ويٺل ڌاڙيلن ڊيوٽي تي ويندڙ پوليس اهلڪارن مٿان اوچتو حملو ڪري ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ 3 پوليس اهلڪار عبدالسميع سمون، عبدالحنان ملڪ، شفيق گل ٿڏي تي شهيد ٿي ويا.ياد رهي ته 4 ڏينهن اڳ به آندل سندراڻي ٿاڻي جي پوليس چيڪ پوسٽ تي ڌاڙيلن حملو ڪيو هو جنهن دوران 2 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا هئا. جنهن ۾ عبدالقادر مهر ۽ ظهير احمد شامل آهن.ٻئي طرف گهوٽڪي پوليس پاران دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته پوليس ۽ سنڌ رينجرز پاران ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن خلاف ٽارگيٽيڊ آپريشن جاري آهي.










