شهيد ڀٽو  جهڙا اڳواڻ صدين ۾ جنم وٺندا آهن: فريال ٽالپر

شهيد ڀٽو جهڙا اڳواڻ صدين ۾ جنم وٺندا آهن: فريال ٽالپر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ۽ پ پ اڳواڻ فريال ٽالپر چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جهڙا اڳواڻ صدين ۾ جنم وٺندا آهن. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي 44 ورسي جي موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ فريال ٽالپر چيو ته قائد عوام اسان کي سيکاريو ته سياسي جنت عوام جي پيرن هيٺان آهي، ڇو ته طاقت جو سرچشوم صرف عوام آهي. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ملڪ ۽ قوم لاءِ خدمتن کي عوام ڪڏهن به نٿو وساري سگهي. فريال ٽالپر چيو ته شهيد ڀٽو، محترمه بينظير ڀٽو جي خواب کي مڪمل ڪرڻ لاءِ آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري سرگرم آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو