غوثپور (عبدالنبي ملڪ) شھيد پوليس اھلڪارن جي قرباني رائيگان نه ويندي، پوليس جي موبائيل تي حملو ڪندڙن جي سڃاڻپ ٿي ويئي آھي، جلد گرفتار ڪري قانون جي ڪٽھري ۾ آڻينداسين. اھڙو اظھار ايس ايس پي ڪشمور سيد اسد رضا شاھ ڳوٺ قياس ڀيو ۾ شھيد پوليس اھلڪار غلام حيدر ڀيو جي تدفين بعد صحافين سان ڳالھائيندي ڪيو. ھن چيو ته شھيد اھلڪارن جي وارثن جي مالي مدد ڪئي ويندي ۽ سنڌ پوليس طرفان کين ھڪ ڪروڙ روپيه به ڏنا ويندا۔ ھن چيو ته ڏوھارين پوليس کي چئلنج ڪري پنھنجو نقصان ڪيو آھي اسانجا حوصلا بلند آھن. اھڙيون ڪارروايون اسان جي حوصلن کي اڃان مضبوط ڪنديون. ھن چيو ته ڪچو ڏوھارين جو ڳڙھ بڻيل آھي جلد ٻين ضلعن جي پوليس سان ملي جامع رٿا جوڙي ڏوھارين خلاف سخت ڪارروائي ڪنداسين.










