شهر ۾ ڪجهه ڪلاڪن جو مينهن،انتظاميه جي پت وائکي

شهر ۾ ڪجهه ڪلاڪن جو مينهن،انتظاميه جي پت وائکي

ٽنڊو غلام حيدر (ن سنڌيار) ٽنڊو غلام حيدر سميت ننڍن وڏن ڳوٺن شھرن ڏندو؛ نظرپور؛ ۽ مويا؛ ۾ سانوڻي برساتن جو 3 ڏينھن کان وقفي وقفي سان تيز وسڪارو جاري آھي، جڏھن ته تعلقي ٽنڊو غلام حيدر جي سڀ کان وڏي آبادي واري يونين ڪائونسل جي مويا شهر جي وچ رستي توڙي بازارن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل انتظاميه غائب شهري پريشان برسات سبب ڪافي شهرن ۾ پاڻي جو نيڪال نہ ٿيڻ ڪري گهرن گلين روڊن تي جمح ٿي ويو روڊ رستا برساتي پاڻي سبب بند ٿي ويا علاج توڙي خريداري لاء ايندڙ ماڻهو سخت مشڪلاتن سبب مونجهاري جي ور چڙهيل هرپاسي گندگي جا ڍير ڄمي ويا پ پ جي چونڊيل سياسي نمائيندن مسلسل رڳو 15 سال ووٽ ورتا پر تعلقي جي ڪنهن به شهر ۾ ڪا بنيادي سهولت ميسر ناهي ٿي سگهي مقامي رهواسين جون ميڊيا اڳيان دانهون، جنھن جي ڪري ويجهن علائقن ڳوٺن کان بيماري سبب علاج لاء ايندڙ ٻچڙيوال ماڻهو سخت پريشان آھن، رهواسين جو وڌيڪ چوڻ آهي ته شروع ۾ ئي سانوڻي برساتن پ پ تڪ جي سياسي نمائيندن جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي سمورن شهر ڳوٺ مڪمل برساتي پاڻي جي لپيٽ ۾ آھن، جيڪڏهن پاڻي جلد نيڪال نہ ٿيو تہ وڌيڪ ۽ مشڪلاتون درپيش اچي سگهن ٿيون ھوڏانھن برسات سبب تعلقي ٽنڊو غلام حيدر شھر جا ھيٺيان ٻهراڙين وارا علائقه پڻ برساتي پاڻي جي لپيٽ ۾ اچڻ سان گڏ شھرن اندر وچ بازارن ۾ بہ ڪافي روڊ رستا بازارون برساتي پاڻي جي گھري ۾ اچڻ ڪري گندگي ۾ اضافو ٿي ويو آھي، جڏھن تہ بجلي جو نظام گذريل ڪيترن ئي ڪلاڪن کان معطل بڻيل آھي، ٻئي طرف تعلقي ۾ تيز ھوائون لڳڻ ڪري ڪيترن ئي ڪچن گھرن جي ڊھڻ جا پڻ اطلاع آھن

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو