ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) شهر ۾ پيل مون سون برسات دوران واٽر بورڊ متحرڪ ٿي ويو، سنڌ جي مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ۽ چيئرمين واٽر بورڊ سيد ناصر حسين شاھ ۽ وائيس چيئرمين واٽر بورڊ سيد نجمي عالم جي هدايتن تي عملدرآمد ڪندي واٽر بورڊ عملو شهر جي مختلف علائقن ۾ برساتي پاڻي جي نيڪالي ۾ مصروف آهي، ايگزيڪيوٽو انجنيئر ورڪشاپ سيد مظهر حسين موجب شهر جي مختلف علائقن ۾ واٽر بورڊ جون 42 سڪشن، 42 جيٽنگ مشينون ۽ 2 ڊي واٽرنگ پمپ برساتي پاڻي نيڪالي ۾ مصروف آھن، ان سلسلي ۾ ڊپٽي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ٽيڪنيڪل سروسز واٽر بورڊ محمد ايوب شيخ جو چوڻ هو تہ برسات کان اڳ سمورن اھم شاهراهن ۽ مختلف علائقن ۾ ڊي واٽرنگ پمپس، سڪشن، جيٽينگ، راڊنگ، سيور ڪلينگ سميت سموري مشينري پهچائي ويئي، ان موقعي تي وائيس چيئرمين واٽر بورڊ سيد نجمي عالم حڪم جاري ڪندي چيو تہ برساتي پاڻي جي نيڪالي لاءِ هنگامي بنيادن تي سمورا اپاءَ ورتا وڃن تہ جيئن شهرين کي ڪنهن به قسم جي پريشاني کي منهن ڏيڻو نہ پوي، ھن چيو تہ برساتون پوڻ تائين واٽر بورڊ جي سمورن آفيسرن ۽ ملازمن جون موڪلون منسوخ ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن، هن سمورن چيف انجنيئرن هدايتون جاري ڪندي چيو تہ اھي پنهنجي لاڳاپيل سپرنٽينڊنٽ، ايگزيڪيوٽو انجنيئرز ۽ ماتحت عملي جي ڪارڪردگي جو جائزو پاڻ وٺن ڇاڪاڻ تہ ان عمل ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نہ ڪئي ويندي گڏوگڏ فراھمي و نڪاسي جي سمورين پمپنگ اسٽيشن کي بجلي جي عدم فراهمي جي صورت ۾ جنريٽر جي مدد سان بحال رکيو وڃي ۽ واٽر بورڊ جي ڪنڊيوٽ، نھري سسٽم سميت مختلف پمپنگ اسٽيشن جي پڻ سخت نگراني ڪئي وڃي، وائيس چيئرمين واٽر بورڊ وڌيڪ چيو تہ مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ جي هدايتن تي عملدرآمد ڪندي واٽر بورڊ شھرين کي بھتر سھولتون فراهم ڪرڻ لاء ڏينھن رات پنھنجا فرائض سرانجام ڏيندو رھندو.










