شهر ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ،بجلي بند،شهرين ۽ ڳوٺاڻن جو احتجاج

شهر ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ،بجلي بند،شهرين ۽ ڳوٺاڻن جو احتجاج

بدين(ن سنڌيار)گذريل چئن ڏينهن کان بدين شھر سميت ڪڍڻ، لواري شريف، ٻهڊمي نندو شهرن سميت سوين ڳوٺن جي بجلي بند پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿي ويو گرمي حبس ۽ مينهوڳي موسم ۾ مڇرن علائقي واسين جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي تفصيل موجب چار ڏينهن کان وقفي وقفي سان تيز برسات دوران مرزا شگر مل وٽ 66 هزار ڪي وي (هاءِ پاور ٽرانسميشن) جا ٻه پول ڪِرڻ سبب سڄي علائقي کي بجلي فراهم ڪندڙ گرڊ اسٽيشن ڪڍڻ ۾ پاور جي سپلائي بند ٿي ويئي آهي ياد رهي ته راڄ واھ موري کان حبي جي دڙن تائين انهي مين سپلائي لائين کي چئن جڳهين تي 11 هزار وولٽ جي ننڍن ٿنڀن تي جڳاڙ ڪري هلايو پيو وڃي جڳاڙي ۽ فالٽي لائين ٽن جڳهين تي ڪچن گهرن ۽ پوکيل ٻنين مان گذري ٿي ۽ ننڍڙن ٿنڀن تي 66 هزار پاور جون تارون هروقت علائقي واسين لاءِ جاني ۽ مالي نقصان جو خدشو بڻيل آهن جنهن لاءِ مذڪوره ڳوٺن جا ڳوٺاڻان هروقت دانهون ڪوڪون ڪندا ٿا رهن پر انهن جي ڪو ٻڌڻ وارو ڪونهي، هن وقت به سڄي سامونڊي پٽي کي بجلي فراهم ڪندڙ گرڊ اسٽيشن ڪڍڻ لاڳيتو چئن ڏينهن کان بند پئي آهي، جنهن جي ڪري سرڪاري اسپتالن ۾ پيل اي آر ويز، اي ايس ويز ويڪسين وغيره جي خراب ٿيڻ جو امڪان آهي ته ٻي طرف مينهوڳي موسم جي شديد گرمي ۽ حبس سبب مڇرن ماڻهن جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو ڇڏيو آهي ۽ پيئڻ جي پاڻي جو پڻ بحران پيدا ٿي ويو آهي، واپڊا جي اعلي اختيارين کان مطالبو ٿا ڪريون ته فوري طور تي مذڪوره لائين جو مرمتي ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪرائي ڏنو وڃي ۽ تيستائين هنگامي بنيادن تي علائقي جي شهرن ۽ ڳوٺن کي متبادل لائين ذريعي بجلي جي فراهمي بند بحال ڪرائي وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو