ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي سينئر مرڪزي اڳواڻ ۽ وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال اعلان ڪيو آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان هاڻ خاموش نه رهندي. ايم ڪيو ايم پاڪستان عوام کي روڊن تي آڻيندي ۽ ڪراچي جي حقن لاءِ احتجاجي تحريڪ هلائينداسين. متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي سينئر مرڪزي اڳواڻ، وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال مرڪزي ڪميٽي ۽ اسيمبلي ميمبرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اڄوڪي پريس ڪانفرنس جو مقصد پاڪستان خاص طور تي سنڌ جي شهر ڪراچي کي پيش ايندڙ مسئلن طرف ڌيان ڏيارڻ آهي انهي جي مسئلن تي آئنده جي لائحه عمل جو فيصلو ڪرڻو آهي.سيد مصطفيٰ ڪمال چيو ته سنڌ کي وفاق کان 2 هزار 238 ارب روپيه مليا آهن، جڏهن ته گذريل 18 سالن ۾ گڏيل طور تي 22 هزار ارب روپيه ملي چڪا آهن. مصطفيٰ ڪمال موجب انهي رقم جو 90 سيڪڙو ڪراچي ڪمائي ڏنو، پر 22 هزار ارب روپين مان ڪراچي کي صرف 680 ارب روپيه مليا، جيڪا شهر سان وڏي ناانصافي آهي.هن چيو ته ڪراچي پاڪستان کي آمدني جو وڏو حصو فراهم ڪندو آهي پر بدلي ۾ شهر کي انهي جو حق نٿو ملي. 2010 تائين وفاقي فارمولي جي تحت ڪراچي کي وسيلا ملندا هئا، پر انهي کان پوءِ صوبائي حڪومت وفاق کان فنڊز ته وٺي رهي آهي پر ڪراچي کي انهي جو حصو نه پئي ڏئي. هن چيو ته جيڪڏهن جي ايس ٽي واري پاليسي برقرار رهي ها ته ڪراچي کي وفاق کان وڌيڪ وسيلا ملن ها.وفاقي وزير چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان هميشه ڪراچي جو ڪيس وڙهندي آهي آئنده به وڙهندي رهندي. جيڪڏهن ڪراچي کي انهي جو حق ملي ها ته شهر ۾ اسپتال، روڊ ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿين ها. هن دعويٰ ڪئي ته گذريل 18 سالن جي دوران تقريبن 2 هزار ارب روپين جو شارٽ فال رهيو جيڪڏهن اها رقم ترقياتي منصوبن تي خرچ ٿئي ها ته شهر جو انفراسٽرڪچر بهتر ٿي وڃي ها. هن چيو ته پاڪستان کي معاشي دلدل کان آءِ ايم ايف نه پر ڪراچي ڪڍي سگهي ٿي پر شهر کي پنهنجو ڪردار ادا نه پيو ڪرڻ ڏنو وڃي.سيد مصطفيٰ ڪمال چيو ته لاهور ڪراچي کان 50 سال اڳيان نڪري چڪو آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي جي صوبائي حڪومت ڪراچي جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ نه ڏنو. هن چيو ته سنڌ ۾ اسڪولن جي حالت خراب آهي. ٻارڙين جي اسڪولن ۾ واش روم به موجود ناهي، 2 ڪروڙ 60 لک ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن. سنڌ ۾ ڪتي جي ڏاڙهڻ جا سڀني کان وڌيڪ ڪيسز ۽ فوتگيون رپورٽ ٿينديون آهن جڏهن ته گٽرن ۾ڪري ٻارن جي فوتگين جهڙا واقعا به پيش اچي رهيا آهن.هن چيو ته صوبي ۾ لاقانونيت عروج تي آهي، 18 سالن ۾ هڪ ٻار بالغ ٿيندو آهي پر مسئلا اتي جو اتي آهن. دنيا ايئرايمبولينس ٺاهي رهي آهي جڏهن ته هتي سائيڪل ايمبولينس هلائي پئي وڃي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان آئيني ترميم پيش ڪري چڪي آهي، پر حڪومت انهي تي ڌيان ناهي ڏنو.سيد مصطفيٰ ڪمال اعلان ڪيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان هاڻ خاموش نه رهندي. هن چيو ته اسيمبلين ۾ آواز اٿارڻ جي باوجود مسئلا حل ناهن ٿيا. انهي لاءِ هاڻ آئين جي دائري ۾ رهندي سمورا جمهوري طريقا اختيار ڪيا ويندا. وفاقي وزير موجب ايم ڪيو ايم پاڪستان عوام کي روڊن تي آڻيندي ۽ ڪراچي جي حقن لاءِ احتجاجي تحريڪ هلائيندي.










